ڀارت ۾ وري جوهري مواد جي چوري، پاڪستان پاران جاچ جو مطالبو

پاڪستان ڀارت ۾ جوهري مواد جي چوري جي تازي واقعي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو ته ڀارت ۾ ٻن ڄڻن کي تابڪاري مواد ڪيليفورنيم رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪيليفورنيم سخت تابڪاري اثر رکندڙ زهريلو مواد آهي، ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي چوريءَ جو اهو 4 مهينن دوران ٽيون واقعو آهي، هلندڙ مئي ۽ جون ۾ به ڀارت 7 ڪلو يورينيئم پڪڙيو ويو هو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي چوري جي جاچ جو مطالبو ڪري ٿو.

Read Previous

سنڌ حڪومت جو وفاق جي اجازت بنا وڏو قدم

Read Next

ڊگھي جنگ جو خاتمو، آمريڪا افغانستان مان نڪري ويو، طالبان جو جشن

Most Popular