سنڌ حڪومت جو وفاق جي اجازت بنا وڏو قدم

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سامهون اچڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت طرفان ان کي منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي نالي سان ادارو قائم ڪيو ويو هو، جنهن جي هدايتن تي ئي سڄي ملڪ ۾ عمل ٿيندو پيو اچي پر ان معاملي تي سنڌ ۽ وفاق ۾ تڪرار به پيدا ٿيندا رهيا آهن.

ڪڏهن لاڪ ڊائون، ڪڏهن اسڪولن جي بندش ته ڪڏهن وري ويڪسين جي معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق آمهون سامهون ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته هاڻ سنڌ حڪومت اين سي او سي جي منظوري کانسواءِ ئي ڪورونا کان بچاءَ لاءِ شاگردن جي ويڪسينيشن لازمي قرار ڏيندي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو.

جي هدايتن بنا سنڌ حڪومت وڏو قدم کڻندي نائين کان ٻارهين جماعت تائين شاگردن جي ڪورونا ويڪسينيشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان ڏس ۾ صحت ۽ تعليم کاتي جي اختيارين جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀني معاملن کي نظر ۾ رکي شاگردن جي ويڪسينيشن جو فيصلو ڪيو ويو.

صحت کاتي جي ترجمان موجب تعليم ۽ صحت کاتي طرفان سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ تعليمي ادارن ۾ ويڪسينيشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ويڪسين والدين جي رضامندي سان لڳائي ويندي.

ترجمان جو چوڻ هو ته نائين ۽ ڏهين درجي جي شاگردن جي عمر 13 کان 16 سالن وچ ۾ هوندي آهي، 15 ورهين جي شاگردن کي ويڪسين لڳائڻ سان ڪو خطرو ناهي، جڏهن ته ان مهم جي حوالي سان اين سي او سي سان رابطو ناهي ٿيو.

هوڏانهن تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ سڀني سرڪاري اسڪولن ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن کي پابند ڪيو ويو آهي ته شاگردن جي ويڪسين ڪرائي وڃي.

Read Previous

ايئرپورٽ تي سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي

Read Next

ڀارت ۾ وري جوهري مواد جي چوري، پاڪستان پاران جاچ جو مطالبو

Most Popular