پاڪستان چمن بارڊر بند ڪري ڇڏيو

پاڪستان سيڪيورٽي خدشن سبب افغانستان سان لاڳاپيل چمن بارڊ کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب چمن بارڊر کي سيڪيورٽي خدشن سبب عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته چمن ڪراسنگ عارضي طور تي بند ڪيو ويندو.

واضح رهي ته افغان طالبان به گذريل مهيني ڪابل تي قبضو سنڀالڻ کانپوءِ چمن ڪراسنگ کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ پاڪستان سان ڳالهين کانپوءِ ٻيهر کوليو ويو هو.

Read Previous

قابض ڀارتي فوج علي گيلاني جو مڙهه تحويل ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ دفنائي ڇڏيو

Read Next

ڪورونا سبب ملڪ ۾ 89 فوتگيون، 4103 نوان مريض، 92941 فعال ڪيس

Most Popular