ڪورونا سبب ملڪ ۾ 89 فوتگيون، 4103 نوان مريض، 92941 فعال ڪيس

ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 89 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 61 هزار 651 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 4 هزار 103 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 11 لک 67 هزار 791 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.65 سيڪڙو رهي.

Read Previous

پاڪستان چمن بارڊر بند ڪري ڇڏيو

Read Next

ملڪي آمدني وڌائي قرض لاهي سگهون ٿا: وزيراعظم

Most Popular