قابض ڀارتي فوج علي گيلاني جو مڙهه تحويل ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ دفنائي ڇڏيو

ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل سينيئر حريت پسند ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي خاص نمائندي عبدالله گيلاني چيو آهي ته اسان کي ناهي خبر ته ڀارتي فورسز علي گيلاني جي تدفين ڪٿي ڪئي آهي.

پنهنجي هڪ ويڊيو بيان ۾ عبدالله گيلاني چيو ته ڀارتي فوج سيد علي گيلاني جو مڙهه قبضي ۾ ورتو ۽ اسان کي ناهي خبر ته ان جي تدفين ڪٿي ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته سيد علي گيلاني جي گهر ڀاتين تي به تشدد ڪيو ويو، گهر ڀاتين جو مطالبو آهي ته سيد علي گيلاني جي تدفين سندس خواهش موجب شهيدن جي مزار ۾ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

هوڏانهن سيد علي گيلان  جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته قابض ڀارتي فورسز  سڄي ڄمون ۽ ڪشمير کي بند ڪري ڇڏيو آهي، وادي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري مواصلاتي رابطا به معطل ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي فورسز جي سخت سيڪيورٽي ۾ حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي حيدرپورا قبرستان ۾ صبح ساڍي 4 وڳي تدفين ڪئي وئي، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ڪجهه ويجهن ماڻهن کي ئي شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي.

Read Previous

سڌارت شڪلا جو موت، شهناز گِل جي حالت خراب

Read Next

پاڪستان چمن بارڊر بند ڪري ڇڏيو

Most Popular