ملڪي آمدني وڌائي قرض لاهي سگهون ٿا: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل دورن ۾ ٺاهيل موٽر ويز سان ملڪ کي وڌيڪ فائدو نه ٿيو.

سيالڪوٽ – کاريان موٽر وي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو اهم منصوبو آهي، موٽر وي ان ئي روٽ تي ٺهڻ گهربو هو، اسان کي سوچڻو پوندو ته موٽر ويز سان ڪيئن روينيو حاصل ڪري سگهون ٿا، گذريل حڪومتن ۾ ٺاهيل موٽر ويز سان ملڪ کي گهڻو فائدو نه ٿيو.

هن چيو ته ملڪ ۾ سياحت جو شعبو وڏو ۽ اهم آهي، موٽر ويز سان سياحت جي شعبي کي وڌيڪ هٿي ملندي، ڊالر وڌائڻ لاءِ صنعتن ۽ سياحت تي ڌياڻ ڏيڻو پوندو، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ۾ رنڊڪون ختم ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان ننڍين ۽ وچولي صنعتن لاءِ سولائيون پيدا ڪيون آهن، روڊن، اسڪولن ۽ ٻين ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ استعمال ڪيا پيا وڃن، اسان ملڪي آمدني ۾ واڌ سان قرض لاهي سگهون ٿا پر صنعتن کي سهولتون ڏيڻ بنا آمدني ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي.

Read Previous

ڪورونا سبب ملڪ ۾ 89 فوتگيون، 4103 نوان مريض، 92941 فعال ڪيس

Read Next

سي اين جي ڊيلرز ايسوسيئيشن سنڌ ۾ هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Most Popular