سي اين جي ڊيلرز ايسوسيئيشن سنڌ ۾ هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

سي اين جي ڊيلرز ايسوسيئيشن سنڌ ۾ ڪم بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

سي اين جي ڊيلرز ايسوسيئيشن چيئرمين سمير نجمل موجب پيٽروليم وزارت اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اڳوڻي ايم ڊي ايس ايس جي سي اسان کي ايل اين جي تي تبديل ڪرايو.

هن چيو ته آر ايل اين جي حڪومتي قدمن سبب مهانگي ٿي رهي آهي، اڃا اسان جي سيل پرائس سڀني خرچن کانپوءِ 180 رپيا بڻجي رهي آهي، موجوده ريٽ تي ئي سي اين جي جي سيل ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌيڪ آهن، جي سي ٽي ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت به 70 درخواستون ايس ايس جي سي ۾ سي اين جي اسٽيشن تي گئس ڪنيڪشن بند ڪرڻ جون موجود آهن، اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته 4 سيپٽمبر کان سنڌ ۾ هڙتال ڪنداسين.

Read Previous

ملڪي آمدني وڌائي قرض لاهي سگهون ٿا: وزيراعظم

Read Next

بلوچستان جو پهريون وڏو وزير سردار عطاءُ الله مينگل لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular