بلوچستان جو پهريون وڏو وزير سردار عطاءُ الله مينگل لاڏاڻو ڪري ويو

بلوچستان جو پهريون وزيراعليٰ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

عطاءُ الله مينگل گذريل هفتي کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، سردار عطاءُ الله مينگل بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل جو والد آهي ۽ 93 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو.

سردار عطاءُ الله مينگل 1970 جي چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان حصو ورتو ۽ بلوچستان جو سينيئر سياستدان هو.

سندس ترجمان جو چوڻ آهي ته عطاءُ الله مينگل جي تدفين اباڻي علائقي وڏ ضلعي خضدار ۾ ڪئي ويندي.

سردار عطاءُ الله مينگل 1929 تي پيدا ٿيو، هن پنهنجو ننڍپڻ لسبيلا ۾ گذاريو جنهن کانپوءِ هو ڪراچي لڏپلاڻ ڪري آيو.

عطاءُ الله مينگل کي 25 سالن جي عمر ۾ مينگل قبيلي جو سردرا مقرر ڪيو ويو هو.

سردار عطاءُ مينگل کي مير غوث بخش بزنجو سياست ۾ آندو هو جيڪو نيشنل عوام پارٽي (اين اي پي) جو باني به هو.

هُن 1962 ۾ اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي، ان دوران سندس چونڊ مهم غوث بخش بزنجو هلائي هئي.

سردار عطاءُ الله مينگل 1970 ۾ بلوچستان اسيمبلي جي پهرين چونڊ ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو.

سردار عطاءُ الله مينگل پهرين مئي تي بلوچستان جي پهرين وزيراعليٰ جو حلف کنيو، جڏهن ته سندس حڪومت 1973ع ۾ ختم ڪئي وئي هئي.

مرحوم عطاءُ الله مينگل قيد جو اقوبتون به برداشت ڪيون هيون ۽ 1973 کان 1977 تائين جيل ۾ رهيو.

Read Previous

سي اين جي ڊيلرز ايسوسيئيشن سنڌ ۾ هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Read Next

طالبان نئين افغان حڪومت جي اعلان بابت ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular