اسان سان دوکو ٿيو، هاڻ پاڻ ميدان ۾ لٿا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي جيڪڏهن دوکو نه ٿئي ها حڪومت کي بي اعتمادي سان ڪيرائي ڇڏيون ها ۽ نيون چونڊون ٿين ها، اسان جي تجويز نه مڃي وئي ته اسان پاڻ ميدان ۾ اچي وياسين.

ملتان ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب ڪرائي ثابت ڪيوسين ته اسان جي پاليسي ٺيڪ هئي، اڳ ۾ پنجاب ۽ پوءِ وفاقي حڪومت ڪيرائي پئي سگهياسين، اسان جي تجويز نه مڃي وئي ته پاڻ ميدان ۾ آيا آهيون، پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پارٽي کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون.

سندس موجب پهرئين ڏينهن ئي چيو هو ته عمران خان سليڪٽڊ ۽ نااهل آهي، حڪومت عوام سامهون بي نقاب ٿي چڪي آهي، حڪومت زبردستي ووٽنگ مشين ۽ پنهنجي ايجنڊا اسان تي مڙهڻ چاهي ٿي، جيڪا منظور ناهي، شهباز شريف سان اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، شهباز شريف جو هڪ ڏينهن سٺو بيان اچي ويندو آهي، پوءِ وري چيو ويندو آهي ته اهو ذاتي بيان هو.

هن چيو ته اسان انقلابي پاليسين اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، اسان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وارا نه ڪري سگهيا، پ پ سان سدائين زيادتي ٿي آهي، هڪ سازش تحت ڏکڻ پنجاب ۽ پاڪستان ۾ اسان جي جماعت کي نقصان پهچايو ويو، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جا نتيجا بهتر هوندا.

Read Previous

جو روٽ ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 61 فوت، 3747 نون ڪيسن جي تصديق

Most Popular