جو روٽ ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان جو روٽ ٽيسٽ بيٽسمينن جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو.

آءِ سي سي (انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل) جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ جو روٽ 6 ورهين کانپوءِ ٻيهر ٽيسٽ بيٽسمين بڻيو آهي.

30 ورهين جي جو روٽ گذريل 11 ميچن ۾ 69.9 جي ايوريج سان هڪ هزار 3 سئو 98 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ 6 سينچريون به شامل آهن.

انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ جاري ٽيسٽ سيريز ۾ برطانوي ڪپتان هيل تائين ٽنهي ٽيسٽ ميچن ۾ سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي.

ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي ۽ خميس کان شروع ٿيندڙ چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ به جو روٽ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

Read Previous

طالبان نئين افغان حڪومت جي اعلان بابت ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

اسان سان دوکو ٿيو، هاڻ پاڻ ميدان ۾ لٿا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular