ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني قومي ٽيم جو اعلان، سينيئر نظرانداز

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ٿي ويو، جنهن ۾ تجربي ڪار رانديگرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

چيف سليڪٽر محمد وسيم پريس ڪانفرنس ڪندي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف به اها ئي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي.

عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان (نائب ڪپتان)، محمد حفيظ، اعظم خان، آصف علي، صهيب مقصود، خوشدل شاهه، محمد رضوان، عماد وسيم، محمد نواز، حسن علي، محمد حسنين، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر، شاهين آفريدي شامل آهن.

ورلڊ ڪپ لاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد، سينيئر فاسٽ بالر وهاب رياض، تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ ۽ هارڊ هٽر اوپنر شرجيل خان کي ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

Read Previous

سي پيڪ ۾ شموليت چاهيون ٿا، پاڪستان جا خدشا ختم ڪنداسين: طالبان

Read Next

ڪورونا وائرس: مراد علي شاهه خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Most Popular