ڪورونا وائرس: مراد علي شاهه خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس سبب پريشان عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

سيد مراد علي شاهه هن وقت اسلام آباد ۾ آهي، جتي هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر تي سدائين يوم دفاع جي تقريب ۾ هوندو آهيان پر اڄ عدالتي نوٽيس تي اسلام آباد آيو آهيان.

ڪورونا بابت سندس چوڻ هو ته اسان وڌ کان وڌ ويڪسينيشن جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت کي ڪورونا ايس او پيز تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان سنڌ ۾ سخت پروٽوڪول رکيو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته هاڻ ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح گهٽجي 7 کان 8 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

وڏي وزير چيو ته اسان پنهنجي عوام کان ڪجهه ناهيون لڪائيندا، پاڪستان کي اڃا تائين برطانيا جي ريڊ لسٽ مان ناهي ڪڍيو ويو.

Read Previous

ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني قومي ٽيم جو اعلان، سينيئر نظرانداز

Read Next

شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جا اثاثا ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع

Most Popular