شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جا اثاثا ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع

نيب مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جا اثاثا قبضي ۾ وٺڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

نيب ن ليگ صدر شهباز شريف جي ڌيءَ رابعا عمران ۽ ناٺي علي عمران يوسف جا اثاثا قبضي ۾ وٺڻ جي ڪارروائي شروع ڪندي ان حوالي سان رجسٽريشن اٿارٽيز کي خط به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب نيب ايڪسائز پنجاب، ڪو آپريٽو کاتي، اسٽيٽ بئنڪ، ايس اي سي پي، ايل ڊي اي ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي خط جاري ڪيا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته علي عمران ۽ رابعا عمران جي نالي تي موجود گاڏين، پلاٽن، رهائشي گهرن ۽ ڪمرشل ملڪيت جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪورونا وائرس: مراد علي شاهه خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Read Next

نٿيا گلي پهچندي ئي علي زيدي جي طبعيت ناساز ٿي وئي

Most Popular