سنڌ ڪابينا اجلاس: ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

سنڌ ڪابينا جلاس ۾ ڪوڙا ڊوميسائل/پي آر سي ٺاهڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊوميسائل جي غلط استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي چيو ويو ته سنڌ جي ڊوميسائل/پي آر سي جو تعليمي ادارن، وفاق ۽ صوبي ۾ نوڪرين لاءِ غلط استعمال ٿيو.

وڏي وزير چيو ته لاڙڪاڻي، ڪشمور – ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڄامشوري ۾ ڊوميسائل/پي آر سي جي انڪوائري ڪئي وئي، 432 ڊوميسائل/پي آر سي مان 154 شڪي ظاهر ٿيا.

اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ويو ته ڊپٽي ڪمشنر ڊوميسائل/پي آر سي جاري ڪرڻ لاءِ اي ڊي سيز کي اختيار ڏنو آهي، يوسي سيڪريٽري جيڪي رهائشي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، اهي به ڊيفيڪٽڊ آهن.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته قانون جي حساب سان ڊوميسائل ملڪ جي شهريت لاءِ جاري ٿيندو آهي، ڊوميسائل سٽيزن شپ سرٽيفڪيٽ آهي، هڪ ڀيرو ڊوميسائل جاري ٿي ويو ته اهو سدائين رهندو.

وڏي وزير چيو ته ڊوميسائل/پي آر سي جي غلط استعمال کي هر صورت ۾ روڪڻو آهي.

سيد مراد علي شاهه روينيو واري وزير، آبپاشي وزير، قانون واري وزير، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪندي سنڌ جي سڀني ضلعن جي ڊوميسائل/پي آر سي جي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Read Previous

دل جي مريضن کي مدي خارج اسٽنٽ وجهڻ تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب

Read Next

وفاقي تعليمي ادارن ۾ ماسترياڻين جي جينز ۽ ٽائٽس پائڻ تي پابندي

Most Popular