وفاقي تعليمي ادارن ۾ ماسترياڻين جي جينز ۽ ٽائٽس پائڻ تي پابندي

PAKISTAN-CHINA-SOCIETY-ECONOMY-EDUCATION

وفاق جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ استادن لاءِ ڊريس ڪوڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان جاري نوٽيفڪيشن موجب ماسترياڻين جي جينز ۽ ٽائٽس پائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته استاد جينز ۽ ٽي شرٽ نه پائيندا.

نوٽيفڪيشن موجب استادن کي ڪلاس ۾ ٽيچنگ گائون ۽ ليبارٽري ۾ ليب ڪوٽ پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پردو ڪندڙ ماسترياڻين کي صاف سٿرو اسڪارف ۽ حجاب پائڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، کين سينڊل ۽ اسنيڪرز پائڻ جي اجازت هوندي پر سليپر پائڻ جي اجازت ناهي.

نوٽيفڪيشن موجب استاد سياري ۾ گرم لوئي نه ويڙهي سگهندا پر مناسب ڊيزائن جو سوئيٽر، ڪوٽ ۽ جرسي پائي سگهندا.

اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته استاد شلوار قميص سان گڏ واسڪٽ پائيندا.

Read Previous

سنڌ ڪابينا اجلاس: ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

Read Next

بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو

Most Popular