بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسان پنجاب حڪومت ڪيرائي عمران خان کي سولائي سان ڪيرائي سگهون ٿا، جيئن ئي اپوزيشن تيار ٿي ته بي اعتمادي رٿ آڻينداسين.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم جا دوست عمران خان جي استعيفيٰ بدران اسان کان استعيفيٰ گهري رهيا هئا، پي ڊي ايم ۾ جيستائين مونجهارو هوندو مسئلو حل نه ٿيندو، اسان ڪنهن جي مدد بنا حڪومت کي شڪست ڏني، وزيراعظم کي سينيٽ چونڊن ۾ شڪست ڏني، شهباز شريف کي طريقي ڪار بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو.

هن چيو ته عوام حڪومت تي سخت ڪاوڙيل آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان اڄ معاشي بحران جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ اهي کسي رهيا آهن.

ن ليگ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ن ليگ جو صدر آهي، ان جو فيصلو حتمي هجڻ گهرجي، شهباز شريف جو مسئلو اهو آهي ته هو بيان ڏيندو آهي ۽ پارٽي ان جي ترديد ڪري ڇڏيندي آهي، يا ته شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪري يا وري اسان کي پنهنجو آڻڻ ڏئي.

بلاول ڀٽو زرداري موجب افغانستان جي حوالي سان اسان کي خدشا آهن ته عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ ٻين طبقن جا حق ۽ پاڪستان پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، سي پيڪ تي دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن، جنهن تي چين کي به ڳڻتي آهي، اسان جي سي پيڪ جو ڇا ٿيندو، جنهن کي آصف زرداري شروع ڪيو هو.

Read Previous

وفاقي تعليمي ادارن ۾ ماسترياڻين جي جينز ۽ ٽائٽس پائڻ تي پابندي

Read Next

وزير اعظم پاران پرويز مشرف جو اين آر او ڏيڻ آئين ٽوڙڻ کان به وڏو ڏوهه قرار

Most Popular