وزير اعظم پاران پرويز مشرف جو اين آر او ڏيڻ آئين ٽوڙڻ کان به وڏو ڏوهه قرار

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ڏسون پيا ته پاڪستان اڳتي اچي پيو پر ٻيهر پوئتي هليو ويو آهي ، 60 جي ڏهاڪي ۾ اسان ترقي طرف وڃي رهيا هئاسين پر آهستي آهستي اسان جو ملڪ مٿان کان هيٺ اچي ويو .

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بنگلاديش به پاڪستان کان اڳتي هليو ويو آهي، قانون جي بالادستي نه هئڻ ڪري اسان پوئتي رهجي وياسين.

سندس چوڻ هو ته هي سڀ ملي ڪري حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، چون ٿا ته اسان لاءِ الڳ قانون ٺاهيو وڃي ۽ کين اين آر او ڏيان، طاقتور هميشه قانون کان مٿي رهڻ چاهيندو آهي، امير ۽ غريب لاءِ الڳ قانون اسان لاءِ الميو آهي.

هن پرويز مشرف پاران اپوزيشن ليڊرز کي اين آر او ڏيڻ آئين ٽوڙڻ کان وڏو ڏوهه قرار ڏيندي چيو ته مشرف طاقتور کي اين آر او ڏنو ، پئسو ته مشرف جو هيو ئي نه پئسا ته قوم جا ها.

Read Previous

بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو

Read Next

اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار شهيد

Most Popular