ٽيم کي بُري نظر کان بچائڻ لاءِ آصف علي جي شموليت ضروري هئي: شوقينن جا تبصرا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021 لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جي اعلان کانپوءِ ڪرڪيٽ شوقين آپي کان ٻاهر ٿي ويا ۽ ٽيم مئنيجمينٽ تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن.

چيف سليڪٽر محمد وسيم اڄ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف به اها ئي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي.

هن ٻڌايو ته عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان (نائب ڪپتان)، محمد حفيظ، اعظم خان، آصف علي، صهيب مقصود، خوشدل شاهه، محمد رضوان، عماد وسيم، محمد نواز، حسن علي، محمد حسنين، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر، شاهين آفريدي شامل آهن، جڏهن ته ورلڊ ڪپ لاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد، سينيئر فاسٽ بالر وهاب رياض، تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ ۽ هارڊ هٽر اوپنر شرجيل خان کي ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

Read Previous

افغان عوام کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهيون: آمريڪا

Read Next

يوٽيوبرز ۽ ٽڪ ٽاڪرز لاءِ وڏي خوشخبري

Most Popular