افغان عوام کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهيون: آمريڪا

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته افغان عوام کي امداد جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ آمريڪا عالمي برادري سان گڏ آهي.

قطر جي دوري دوران قطري هم منصب سان گڏ نيوز ڪانفرنس ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان نڪرڻ جي عمل ۾ قطر کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ ڪم نه ڪيو، آمريڪا افغانستان ۾ ڊپلوميسي جاري رکي آهي، ٻٽي شهريت رکڻ وارا تقريبن هڪ سئو شهري هينئر به افغانستان ۾ آهن، انهن آمريڪين سان رابطي ۾ آهيون، آمريڪا افغانستان کان انهن جي محفوظ روانگي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو طالبان چيو آهي ته مڪمل سفري دستاويز رکڻ وارن کي پرامن طريقي سان وڃڻ ڏنو ويندو، افغان عوام کي امداد جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ آمريڪا عالمي برادري سان گڏ آهي .

ان موقعي تي قطري پرڏيهي وزير چيو ته ڪابل ايئرپورٽ هلائڻ بابت هينئر تائين معاهدو ناهي ٿيو، ڪابل ايئرپورٽ تي مختلف ملڪن جون اڏامون لهي رهيون آهن، اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابل ايئرپورٽ مسافرن لاءِ فعال ٿي ويندو.

Read Previous

اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار شهيد

Read Next

ٽيم کي بُري نظر کان بچائڻ لاءِ آصف علي جي شموليت ضروري هئي: شوقينن جا تبصرا

Most Popular