يوٽيوبرز ۽ ٽڪ ٽاڪرز لاءِ وڏي خوشخبري

سالياني پاڪستان انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊ (پيسا) جي لاءِ ٻئي سال جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهريون ڀيرو ”پيسا“ ايوارڊ ۾ سوشل ميڊيا اسٽارز جي لاءِ به نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا جي ڪري سينيما بند هجڻ سبب هن ڀيري فلمن لاءِ نامزدگين جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

پيسا انتظاميا طرفان جاري ڪيل فهرست موجب سال 2021 جي ايوارڊن لاءِ 24 ڪيٽيگرين جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهريون ڀيرو انتظاميا ”يوٽيوبرز، انسٽاگرامرز، ٽڪ ٽاڪرز، ولاگرز ۽ ڊجيٽل ڪانٽينٽ ڪريئٽرز“ لاءِ به نامزدگين جو اعلان ڪيو آهي.

ٻئي ساليان ”پيسا“ ايوارڊ لاءِ هن ڀيري فلمن لاءِ ڪنهن به ايوارڊ جي نامزدگي جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

Read Previous

ٽيم کي بُري نظر کان بچائڻ لاءِ آصف علي جي شموليت ضروري هئي: شوقينن جا تبصرا

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 98 مريض فوت، 3 هزار 316 نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular