توهان وٽ پ پ کان سواءِ ٻيو ڪو سوال آهي؟ مريم نواز صحافين تي ڪاوڙجي پئي

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ملڪ ۾ تبديلي ضرور ايندي ۽ ڪوڙي تبديلي مان عوام جي جان ڇُٽندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس جي حوالي سان چيو ته اپيل رڳو انتقام تي ٻڌل آهي، منهنجي ڪيس جا دليل مضبوط آهن ۽ اڄ بئنچ سامهون واضح ڪري ڇڏيو ته ڪيس جي ميرٽ تي بحث لاءِ هڪ درخواست جمع ڪرائڻ چاهيان ٿي، انهن ۾ سڀ حقيقتون شامل هونديون ته ڪيس ڇو ٺاهيو ويو؟ ان جي پويان ڪير هو ۽ ڪيئن ڪامياب ٿيو.

شهباز شريف ن ليگ طرفان وزات عظميٰ جو اميدوار هوندو يا نه؟ ان سوال تي هن جواب ڏيندي چيو ته ڪهڙي تڪڙ آهي، توهان پ پ يا ٻي ڪنهن جماعت کان ته اميدوار ناهي پڇيو، شهباز شريف پارٽي صدر آهي ۽ اسان سڀ ان جي پويان بيٺا آهيون، ن ليگ ۽ ميان صاحب شهباز شريف کي وزارت عظميٰ لاءِ نامزد ڪندو ته ان کي سپورٽ ڪنداسين.

هڪ صحافي طرفان پ پ بابت پڇيل سوال تي مريم نواز چيو ته توهان وٽ پ پ کان سواءِ ٻيو ڪو سوال آهي؟

Read Previous

طالبان جي ڪابينه ۾ ڪير ڪهڙي عهدي تي مقرر؟ سمورا تفصيل سامهون اچي ويا

Read Next

بابر اعظم جو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ تي اختلاف، پي سي بي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular