ٻٽي پاليسي نه هلندي: بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ تي ڏمرجي پيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ هڪ به واعدو پورو نه ڪيو، عمران خان هر هڪ واعدو ڪوڙو نڪتو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪوڙو نڪتو، ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي.

رحيم يار خان ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان عوامي حڪومت لاءِ سِڪي رهيو آهي، اڳتي پ پ وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي.

هن ن ليگ تي به تنقيد ڪندي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه ٿئي ۽ ووٽ جي استعمال وقت ڀڄي وڃو، ٻٽي پاليسي نه هلندي، يا اپوزيشن ڪيو يا اعلان ڪيو ته توهان حڪومت جا سهولتڪار آهيو، اسان چئون ٿا ووٽ استعمال ڪيو، بوزدار کي ڀڄايو، عمران کي گهر موڪليو.

Read Previous

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ ٻاهران وڪيلن جو احتجاج

Read Next

طالبان عورتن تي وڏي پابندي هڻي ڇڏي

Most Popular