چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ ٻاهران وڪيلن جو احتجاج

جسٽس منيب اختر

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي نظرانداز ڪرڻ خلاف وڪيل تنظيمن جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي عمارت ٻاهران وڪيلن جي نمائندا تنظيمن اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري ۾ سينارٽي کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ٿيندڙ احتجاج ۾ سڄي ملڪ مان وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

هوڏانهن ڏينهن جي شروعات عدالتن جي بائيڪاٽ سان ٿي ۽ وڪيل سپريم ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون به نه ٿي سگهيون.

احتجاج جو فيصلو ڪراچي ۾ وڪيل ڪنوينشن دوران ڪيو ويو هو، جنهن جي منظوري پوءِ وڪيل تنظيمن جي هڪ گڏيل اجلاس ۾ ڏني وئي هئي.

بار ڪائونسلز جو موقف آهي ته ججن جي مقرري ۾ سينارٽي اصولن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سينيئر هجڻ باوجود سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪرڻ ناانصافي آهي.

مختلف وڪيل تنظيمن جي سڏ تي احتجاج دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جا اندريان دَر ايندڙ فريادين لاءِ بند ڪيا ويا، جڏهن ته سٽي ڪورٽ سميت ٻين ماتحت عدالتن ۾ به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا.

هوڏانهن لاهور جي ماتحت عدالتن ۾ به جزوي هڙتال ٿي ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رياض الحسن گيلاني جو چوڻ هو ته پاڪستان بار ڪائونسل طرفان هڙتال جو سڏ ڏنو ويو هو، جنهن تي ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ ۾ وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا.

Read Previous

عائزا ۽ دانش جي نيها ڪڪڙ سان ملاقات، تصوير وائرل

Read Next

ٻٽي پاليسي نه هلندي: بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ تي ڏمرجي پيو

Most Popular