طالبان عورتن تي وڏي پابندي هڻي ڇڏي

افغان طالبان ٻه ڏينهن اڳ ملڪ ۾ عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ ملا محمد حسن اخوند کي وزيراعظم، جڏهن ته ملا عبدالغني برادر ۽ مولوي عبدالسلام حنفي ان جا نائب مقرر ڪيا ويا هئا.

طالبان طرفان اعلان ڪيل عبوري حڪومت ۾ ڪا عورت شامل نه هئي، جنهن تي يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته هاڻ طالبان عورتن رانديگرياڻين جي حوالي سان پابندين جو اعلان ڪيو آهي.

طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي نائب سربراهه احمدالله واثق موجب عورتن کي ڪرڪيٽ سميت ڪنهن به اهڙي راند جي اجازت نه ڏينداسين، جنهن ۾ انهن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان اڳواڻ چيو ته عورتن جو راندين ۾ حصو وٺڻ نه مناسب آهي ۽ نه ضروري آهي، مخالفن جي ردعمل سبب اسلامي قدرن کي پامال نه ڪنداسين.

احمدالله واثق جو چوڻ هو ته اسان جو ناهي خيال عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ڪرڪيٽ ۾ عورتون اهڙي صورتحال کي منهن ڏينديون آهن، جتي انهن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل ناهي هوندو ۽ اهو اسلامي تعليم خلاف آهي.

هن چيو ته هي ميڊيا جو دور آهي ۽ سمورا ماڻهو تصويرون ۽ ويڊيوز ڏسندا آهن، امارت اسلامي افغانستان عورتن کي اهڙي ڪنهن راند جي اجازت نه ڏيندو، جنهن ۾ انهن جو جسم نظر اچي.

Read Previous

ٻٽي پاليسي نه هلندي: بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ تي ڏمرجي پيو

Read Next

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ کنوڻ سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي

Most Popular