ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ کنوڻ سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي

موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ کنوڻ سان گڏ تيز مينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب برسات جو موجوده سلسلو گهٽ دٻاءَ جي موسمي نظام تحت اربع کان شروع ٿيو، جنهن سبب بدين، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين علائقن ۾ برسات پئي.

هن چيو ته موجوده سلسلي جي نتيجي ۾ سڄي صوبي ۾ برسات جو امڪان آهي ۽ اهو سسٽم ڇنڇر ڏينهن سنڌ جي حدن مان نڪري ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اڄ کان کنوڻ سان گڏ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته جمعي جي رات ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ اهو برسات جو ٻيو اسپيل آهي، ان کان اڳ پوندڙ برساتن دوران شهر ۾ مختلف حادثن ۾ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

Read Previous

طالبان عورتن تي وڏي پابندي هڻي ڇڏي

Read Next

اداڪار ياسر گهرواري جي ٽوڪ ڪرڻ لڳو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل

Most Popular