پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جنگي ڏوهن جو تازو ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ جنگي ڏوهن جو تازو ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي ڊوزيئر تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ڀارت جي اصل چهري کي وائکو ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته اهو ڊوزيئر 131 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪوڙن مقابلن، عورتن کي هراسان ڪرڻ، زيادتي، اڻڄاتل قبرن جون پڪيون شاهديون موجود آهن.

سندس چوڻ هو ته 13 بابن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ ڀارتي جنگي ڏوهن جو به ذڪر آهي، ڊوزيئر ۾ 113 حوالا ڏنا ويا آهن، جن مان 26 حوالا انٽرنيشنل ميڊيا جون جائزي واريون رپورٽون آهن، 41 حوالن م ڀارتي ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي رپورٽن جو ذڪر آهي، جڏهن ته 32 حوالا انٽرنيشنل هيومن رائٽس تنظيمن جا آهن، ان کانسواءِ ڊوزيئر ۾ 14 حوالا پاڪستان ڏنا آهن.

Read Previous

علي ظفر وارو معاملو: عفت عمر ۽ علي گل پير جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

Read Next

ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ شروع

Most Popular