ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ شروع

سڄي ملڪ جي ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ووٽ جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي.

ملڪ جي 41 ڪنٽونمينٽ بورڊز جي 205 وارڊز ۾ 1569 اميدوار ميدان ۾ آهن ۽ چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي تائين جاري رهيو.

سڄي ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن لاءِ پولنگ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي حڪومتن کي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڪئميرائون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته پريزائيڊنگ آفيسرن ڳڻپ کانپوءِ پولنگ اسٽيشنز تي نتيجن جو اعلان ڪندا، سمورا پولنگ ايجنٽ ۽ اميدوار نتيجي جي ڪاپي پريزائيڊنگ آفيسرن کان حاصل ڪندا.

ڪنٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن ۾ سڄي ملڪ مان 684 آزاد اميدوار ميدان ۾ آهن، جڏهن ته سياسي جماعتن جا به 876 اميدوار مقابلي ۾ لٿل آهن.

Read Previous

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جنگي ڏوهن جو تازو ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

احتساب عدالت آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

Most Popular