علي ظفر وارو معاملو: عفت عمر ۽ علي گل پير جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

لاهور جي جوڊيشل ميجسٽريٽ اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر جي دانهن تي سندس خلاف سائبر ڪرائم قانون تحت داخل ڪرايل ڪيس ۾ گلوڪارا ميشا شفيع کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته عفت عمر ۽ علي گل پير جي وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي اڱارو (7 سيپٽمبر) تي ميجسٽريٽ جي سامهون پيش نه ٿيا هئا.

اداڪارا عفت عمر، فيضان رضا، حسيم الزمان، فريحه ايوب ۽ لينا غني ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي هئي.

Read Previous

مولانا فضل الرحمان طرفان بلاول جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ جي دعوا

Read Next

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جنگي ڏوهن جو تازو ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular