
ڪنٽونمينٽ بورڊز چونڊن جي پولنگ دوران اليڪشن ڪميشن عملي پولنگ اسٽيشن مان ٻه جعلي ايجنٽ پڪڙي ورتا.
ڪراچي جي ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وارڊ نمبر 4 ۾ عورتن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان ٻن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي جعلي پولنگ ايجنٽ هئا ۽ انهن جو واسطو سياسي جماعتن سان ٻڌايو پيو وڃي.
ريٽرننگ آفيسر ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ سليم حسن وٽو موجب ٻئي ايجنٽ جعلي هئا ۽ بنا ڪنهن تصديقي دستاويز جي عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ موجود هئا.