ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت، 5 هزار 370 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 58 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 3153 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 57 هزار 792 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3 هزار 153 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 12 لک 4 هزار 520 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 مريض ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن سبب هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 26 هزار 720 ٿي ويو آهي.

Read Previous

ڪراچي: عورت جي پولنگ اسٽيشن مان ٻه جعلي ايجنٽ گرفتار

Read Next

سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو: نائن اليون انڪوائري ڪميشن جو سربراهه

Most Popular