حڪومت جو ڪورونا پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ گهٽتائي کانپوءِ پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اين سي او سي جو اجلاس سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ اندر ڪورونا صورتحال جو تفصيلي طور جائزو ورتو ويو ۽ ڪورونا جي صورتحال کي سامهون رکندي اهم فيصلا ڪيا ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا 16 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، تعليمي ادارن کي 50 سيڪڙو حاضري سان کوليو ويندو ۽ متبادل ڏينهن ڪلاسون ٿينديون.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا پکيڙ وارن ضلعي کي ڇڏي سڄي ملڪ ۾ مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته رات 12 وڳي تائين ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، ويڪسينيٽڊ ماڻهن سان 200 ماڻهن جي ان ڊور تقريب جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور 400 ماڻهن کي تقريبن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي.

نوٽيفڪيشن موجب آفيسن ۾ مڪمل حاضري ۽ نارمل وقت لاڳو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سئنيما گهر بند رهندا، ڪراٽي، باڪسنگ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ واٽر اسپورٽس تي به پابندي برقرار رهندي پر ويڪسينيٽڊ ماڻهن لاءِ 50 سيڪڙو صلاحيت سان جمز کليل رهندا.

Read Previous

ڪراچي: اڳوڻي مڙس هٿان تيزاب هاري ساڙيل عورت دم ڏئي ڇڏيو

Read Next

اليڪشن ڪميشن جو الزامن تي فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular