ڪراچي: اڳوڻي مڙس هٿان تيزاب هاري ساڙيل عورت دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ اڳوڻي مڙس هٿان تيزاب هاري ساڙيل عورت لاڏاڻو ڪري وئي.

بلديا ٽائون سعيد آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شخص عورت تي تيزاب هاري ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سڙي سخت زخمي ٿي پئي هئي.

پوليس اختيارين موجب جوابدار عورت جو اڳوڻو مڙس ذيشان آهي، جنهن 21 آگسٽ تي آفيس ويندي رمشا تي تيزاب هاريو.

عورت کي زخمي حالت ۾ برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو هو، جتي هوءَ ڪجهه ڏينهن علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ اچ لاڏاڻو ڪري وئي.

پوليس جوابدار ذيشان کي گرفتار ڪيو هو، جنهن پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪندي چيو هو ته اسان ڪورٽ ميريج ڪئي هئي ۽ ڪجهه وقت اڳ طلاق ٿي هئي.

پوليس اختيارين موجب جوابدار ذيشان رمشا سان ٻيهر شادي ڪرڻ چاهي ۽ عورت جي انڪار تي هن مٿس تيزاب هاري ڇڏيو.

Read Previous

17 سالن ۾ گهر جا 6 ڀاتي قتل ڪندڙ عورت

Read Next

حڪومت جو ڪورونا پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان

Most Popular