اليڪشن ڪميشن جو الزامن تي فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان الزامن تي وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

پڌرائيءَ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبرن نثار دراني، شاهه محمد جتوئي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزامن تي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري ۽ ريلوي واري وزير اعظم سواتي ي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اعظم سواتي کان الزامن تي ثبوت گهرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته فواد چوڌري پريس بريفنگ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزام هنيا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا ته جيئن وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي.

Read Previous

حڪومت جو ڪورونا پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 78 فوتگيون، 2580 نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular