پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 78 فوتگيون، 2580 نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 78 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 2580 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 47 هزار 419 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 2580 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وڌيڪ 78 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح تقريبن ساڍا 5 سيڪڙو رهي.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن جو الزامن تي فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

شفقت امانت سان جهُڪي ملڻ عابده جي مداحن کي نه وڻيو

Most Popular