شفقت امانت سان جهُڪي ملڻ عابده جي مداحن کي نه وڻيو

پاڪستان جي جڳ مشهور صوفي قوال ۽ گلوڪارا عابده پروين ۽ ناليواري گلوڪار شفقت امانت علي خان جي ملڻ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستاني جي ميوزڪ انڊسٽري جا ٻه وڏا ستارا هڪٻئي سان ملڻ جي لاءِ هڪٻئي ڏانهن وڌي رهيا آهن.

ان دوران ليجنڊري گلوڪارا عابده پروين شفقت امانت علي جا پير ڇُهڻ لاءِ جهڪي ٿي ۽ شفقت امانت علي عابده پروين کي عقيدت منجهان مٿي ڪندي ڀاڪر پائي ملي ٿو.

جنهن کانپوءِ ٻئي هڪٻئي کي احترامن ٻانهون ٻڌي رهيا آهن.

ان مختصر وڊيو جي ڪمينٽ باڪس ۾ عابده پروين جا مداح سندس ان عمل کي پسند ناهن ڪري رهيا.

سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو آهي ته عابده پروين کي شفقت امانت علي جا پير ڇُهڻ نه گهرجن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ته وري چيو ته اها ڀارتي روايت آهي جنهن کي اختيار نه ڪيو وڃي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 78 فوتگيون، 2580 نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪرپشن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به آواز اٿاري ڇڏيو

Most Popular