سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪرپشن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به آواز اٿاري ڇڏيو

سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ في ڊيسڪ ساڍن 29 هزار رپين ۾ خريد ڪرڻ جي معاملي تي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به آواز اٿاري ڇڏيو.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي کيس شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ صوبي جي تعليم کاتي ۾ مبينا طور تي اها ڊيسڪ 320 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي خريد ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب قومي ناڻي کي نقصان ٿي رهيو آهي.

سيد مراد علي شاهه کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 10 جون 2021ع تي صوبي جي اسڪولن ۾ ڊيسڪن جي سپلاءِ ۽ ڊليوري لاءِ چار ٺيڪا ڏنا، جنهن جي ماليت پنج ارب رپيا آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڊيسڪ جي قيمت 23 هزار 985 رپين کان 29 هزار 500 رپيا ٽيڪس سان گڏ رکي وئي  آهي، ايتري وڏي انگ ۾ ڊيسڪن جي خريداري لاءِ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 2 سال اڳ يعني 17 فيبروري 2019 ع تي به اهڙو ئي ٺيڪو جاري ڪيو هو، ان حوالي سان ايندڙ واڪن ۾ هڪ ڊيسڪ جي وڌ کان وڌ قيمت 5700 رپين کان 6860 رپيا ٽيڪس سميت هئي پر تعليم کاتي اڻڄاڻ سببن جي بنياد تي گهٽ قيمت تي ٺيڪا نه ڏنا.

ٽي آءِ پي موجب 5700 رپين جي في ڊيسڪ جي قيمت جي 23 هزار 985 رپيا في ڊيسڪ سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته خبر پوندي ته 320 سيڪڙو واڌو قيمتن تي نئون ٺيڪو ڏنو ويو آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي 3.3 ارب روپين جو نقصان ٿيندو.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان چيو آهي ته ايس اي ايل ڊي في ڊيسڪ جو انتهائي مهانگو ڪاٿو لڳايو، قيمتن ۾ 10 سيڪڙو سالياني واڌ کي ڏسندي وڌ کان وڌ لاڳت 9 هزار رپيا في ڊيڪس هجڻ گهرجي.

Read Previous

شفقت امانت سان جهُڪي ملڻ عابده جي مداحن کي نه وڻيو

Read Next

گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي: شوڪت ترين عوام کي سُٺي خبر ٻڌائي ڇڏي

Most Popular