گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي: شوڪت ترين عوام کي سُٺي خبر ٻڌائي ڇڏي

ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، مهانگائي وڌڻ جي رفتار ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته اسان کي ماڻهن جي آمدني وڌائڻي آهي، احساس پروگرام تحت اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين تي هن مهيني ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏينداسين.

هن چيو ته ڪورونا وبا ۽ گهرج ۽ پهچ ۾ وقفي سبب عالمي سطح تي مهانگائي ٿي، 450 ملين ڊالرن جي ويڪسين درآمد ڪئي وئي، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، واپاري خسارو ڪنٽرول ۾ رهندو.

Read Previous

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪرپشن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به آواز اٿاري ڇڏيو

Read Next

منال خان جي شادي واري جوڙي تي گهڻن ماڻهن محنت ڪئي؟

Most Popular