اتر ڪوريا جو نئون ڪروز ميزائل تجربو

اتر ڪوريا طرفان هڪ نئين ڪروز ميزائل جو تجربو ڪيو ويو آهي.

اتر ڪوريا جي سرڪاري نيوز ايجنسي ڪي سي اين اي موجب اهي ميزائل تجربا ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ڪيا ويا ۽ انهن ميزائلن 1500 ڪلو ميٽر فاصلي تي پنهنجي هدف کي نشانو بڻايو.

واضح رهي ته گڏيل قومن طرفان اتر ڪوريا تي بيلسٽڪ ميزائل تجربن جي حوالي سان پابندي لاڳو آهي پر ان کي ڪروز ميزائل تجربن جي اجازت آهي، اهو ئي سبب آهي جو عالمي اڪيلائيءَ جو شڪار اهو ملڪ ڪجهه عرصي کان اهڙا ئي ميزال تجربا ڪندو پيو اچي.

Read Previous

منال خان جي شادي واري جوڙي تي گهڻن ماڻهن محنت ڪئي؟

Read Next

سيد خورشيد احمد شاھ هاڪي ايڪيڊمي جي انتظام هيٺ پيپلز هاڪي اسٽيڊيم سکر ۾ پنج ڏينهن لاء وويمن هاڪي ڪئمپ قائم ڪئي وئي

Most Popular