سيد خورشيد احمد شاھ هاڪي ايڪيڊمي جي انتظام هيٺ پيپلز هاڪي اسٽيڊيم سکر ۾ پنج ڏينهن لاء وويمن هاڪي ڪئمپ قائم ڪئي وئي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سيد خورشيد احمد شاھ هاڪي ايڪيڊمي جي انتظام هيٺ پيپلز هاڪي اسٽيڊيم سکر ۾ پنج ڏينهن لاء وويمن هاڪي ڪئمپ قائم ڪئي وئي۔عورت هاڪي رانديگرياڻن کي ٽريننگ ڏيڻ لاء ڪراچي کان هاڪي ڪوچ ابوذر امرائو ۽ٻين کي گهرايو ويو آھي۔ان ڏس ۾ وومين هاڪي ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري ميڊم ارشاد اعواڻ جو چوڻ آھي ته هيڊ ڪوچ رضوانه چاچڙ ۽ ٽيم ڪوچ ارم بلوچ جي نگراني هيٺ پنج ڏينهن واري تربيتي ڪئمپ جاري آھي ۔ايس ايس پي لاڙڪاڻو اشفاق ڪلوڙ گزريل ڏينهن فائزه قريشي سان گڏ ڪئمپ جو دورو ڪيو هيڊ ڪوچ رضوانه چاچڙ ۽ ٽيم ڪوچ ارم بلوچ ۽ فائزه قريشي کيس سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ اوڍايو ايس ايس پي لاڙڪاڻو اشفاق ڪلوڙ ڪئمپ آرگنائيزر کي ايونٽ آرگنائيز ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اڳتي به اهڙا تربيتي ڪئمپ لڳايا وڃن۔ڪئمپ جي ٽئين ڏينهن تي ايڊمنسٽريٽرميونسپل ڪارپوريشن سکر علي رضا انصاري ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي آرگنائيزر عارف ۽ ميڊم ارشاد اعواڻ آجيان ڪئي جڏهن ته هيڊ ڪوچ رضوانه چاچڙ ۽ ٽيم ڪوچ ارم بلوچ کيس سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ اوڍايو ان موقعي تي ايڊ منسٽريٽر علي رضا انصاري جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان اسٽيڊيم جي صورت ۾ هاڪي رانديگرياڻن کي هڪ تحفو ڏنو آھي جيڪو سنڌ جو هڪ خوبصورت اسٽيڊيم آھي ايڊ منسٽريٽر جو چوڻ هو ته کيس ٻڌايو ويو آھي ته هاڪي گرائونڊ کي پاڻي جي سخت ضرورت هوندي آھي جلد ئي پاڻي فراهم ڪرڻ سان گڏ گرائونڊ جي چوديوار مٿان لڳل ڪنڊيدار تارن جي صفائي پڻ ڪرائي ويندي۔

Read Previous

اتر ڪوريا جو نئون ڪروز ميزائل تجربو

Read Next

مون کي پنهنجي زمين تي خورشيد تنيو ۽ ٻين بااثرن جي بڇ تي بيگناھ ڌڪ هڻي ماريندا رهيا ۽ فائرنگ ڪري پنهنجي بنگلي تي اغوا ڪري کڻي ويا

Most Popular