مون کي پنهنجي زمين تي خورشيد تنيو ۽ ٻين بااثرن جي بڇ تي بيگناھ ڌڪ هڻي ماريندا رهيا ۽ فائرنگ ڪري پنهنجي بنگلي تي اغوا ڪري کڻي ويا

هنڱورجا : رپورٽ ( عاجز امتياز لاڙڪ )هنڱورجا لڳ ڳوٺ نصير محمد تنيو جا رهواسي محمد اسلم پنهنجي ڀاءُ انور حسين، مختيار حسين، اختيار حسين، منير احمد، شڪيل ۽ ٻين سان گڏجي سٽي پريس ڪلب هنڱورجا جي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڪالھ شام 7 بجہ مون کي پنهنجي زمين تي خورشيد تنيو ۽ ٻين بااثرن جي بڇ تي بيگناھ ڌڪ هڻي ماريندا رهيا ۽ فائرنگ ڪري پنهنجي بنگلي تي اغوا ڪري کڻي ويا هنن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته ڦٽين جي چورِيء جو ڪوڙو ڊرامو ٺاهي ناحق هنڱورجا پوليس جي حوالي ڪيو ان موقعي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته بااثر ڪٿي به فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن آخر ۾ هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان مسڪينن بي پهچ آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي!!!

Read Previous

سيد خورشيد احمد شاھ هاڪي ايڪيڊمي جي انتظام هيٺ پيپلز هاڪي اسٽيڊيم سکر ۾ پنج ڏينهن لاء وويمن هاڪي ڪئمپ قائم ڪئي وئي

Read Next

ٿاڻو بولا خان: قائم پي پي ايڇ آئي سينٽرن ۾ صحت جي حوالي سان سھولتون ڏيڻ جي حوالي سان ٿاڻي احمد خان پي پي ايڇ آئي سينٽر ۾ مقامي ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪئي

Most Popular