سجاول شھر ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف انڪروچمنٽ پوليس جي ڪاروائي

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول شھر ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف ٽائون ڪميٽي سجاول ۽ انڪروچمنٽ پوليس جي ڪاروائي.پبلڪ پارڪ کان مامون لاڏوچوڪ تائين آپريشن جاڙي شھر جي ٻنھي پاسن تي بيٺل گاڏا ۽ دوڪانن جو ڌڪيون ۽ ڇاپرا ھٽايا ويا.ان موقعي تي ٽي ايم او سجاول قمرالدين ڀٽ،انڪروچمنٽ پوليس جي جبران جهتيال ٻڌايو ته ايم اين اي ای ایاز شاه شيرازي جي هدايتن شهر ۾ انڪروچمنٽ خلاف ڪاروائي شروع ڪئي آهي.سجاول شھر ۾ غيرقانوني قبضن سبب لنگھڻ مشڪل بڻجي ويو آھي.روڊ تي ٽريفڪ جو نظام معطل ٿي ويو آھي.اسڪول جي موڪل جي وقت نياڻين کي پڻ ڏکائي پيش اچي ٿي.گاڏن وارن شهر جي مختلف هنڌن تي قبضا ڪري ڇڏيا آھن.جنھن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آھي.دوڪاندارن کي نوٽس ڏنا ويا آھن ته پنھنجي دوڪانن جو ٻاھر پيل سامان،گاڏا ھٽائن ۽ ڌڪيون ۽ ڇاپرا پڻ ٽورائن اھو نوٽس ۾ چيو ويو آھي.سڀاڻي کان آپريشن وڌيڪ تيز ڪنداسين.شهرين پاران شڪايت ڏني وئي ھئي ته شهر ۾ حددخلين سبب لنگهڻ مشڪل ٿي ويو آهي منٽن جو رستون ڪلاڪن ۾ ڪرڻو پوي ٿو.شهر ۾ مختلف ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن.ان سان گڏ ايم اين اي اياز شاه شيرازي ٽي ڏينهن انڪروچمنٽ خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو.جڏھن ته ھي آپريشن جمعي تائين جاري رهندو ان موقعي تي علي شيرجهتيال،عمران شيخ،ممتاز خليفو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

Read Previous

ٿاڻو بولا خان: قائم پي پي ايڇ آئي سينٽرن ۾ صحت جي حوالي سان سھولتون ڏيڻ جي حوالي سان ٿاڻي احمد خان پي پي ايڇ آئي سينٽر ۾ مقامي ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪئي

Read Next

قاضي احمد ر: ڳوٺ سومرو خان چانڊيو مان تيرھن سالا نينگري حميده چانڊيو اغوا

Most Popular