سنڌ جي وفد جي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صوبائي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اڳواڻن کي گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني

نوشھرو فيروز(ڊر) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن 2076 صوب سنڌ جي وفد جي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صوبائي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اڳواڻن کي گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وفد ۾ صوبائي صدر خادم حسين مستوئي صوبائي جنرل سيڪريٽري عبدالقيوم راهوجو مير شڪيل رحمان رجب ميمڻ عجيب رحمان جوڳي رياض احمد سومرو نور محمد ٽالپر ۽ ٻيا شامل هئا جن YDA جي صوبائي صدر ڊاڪٽر ياسين احمد ۽ جناح اسپتال جي نئين باڊيء کي گلن جا هار پارايا ۽ مبارڪباد پيش ڪئي ان موقعي صوبائي قيادت چيو ته YDA گرينڊ ھيلٿ الائنس ۾ به مضبوط پوزيشن ۾ شامل آھي انڪري کين گذارش ٿي ڪجي ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سروس اسٽڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل سميت نوشھروفيروز جي غير قانوني طور برطرف ڪيل 75 ملازمن جي بحاليء لاء ڪوششون وٺن جنهن تي YDA جي صوبائي قيادت يقين ڏياريو ته سيڪريٽري صحت سان ٿيندڙ ملاقات ۾ پهرين ايجنڊاء ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جا مطالبا ئي هوندا جيڪي ضرور مڃرائينداسين ان موقعي تي صوبائي قيادت سندن شڪريو ادا ڪيو ان بعد صوبائي قيادت سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي جي ڊائريڪٽر ۽ PMA اڳواڻ ڊاڪٽر محمد خان شر سان ملاقات ڪري پيراميڊيڪل جي مسئلن تي گفتگو ڪئي جنهن پڻ ساڻن ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو۔

Read Previous

ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ مبينا طور عورت خودڪشي ڪري ڇڏي، عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ايس ايڇ او ڪشمور

Read Next

سجاول شھر ۾ تمام وڏي انساني آبادي رکندڙ وارڊ نمبر 8 ۽ 9 ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي ٽرانسفارمرن جو مسئلو حل نہ ٿيڻ ڪري بجلي بند

Most Popular