سجاول شھر ۾ تمام وڏي انساني آبادي رکندڙ وارڊ نمبر 8 ۽ 9 ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي ٽرانسفارمرن جو مسئلو حل نہ ٿيڻ ڪري بجلي بند

سجاول رپورٽ (عتيق الرحمان کتري) سجاول شھر ۾ تمام وڏي انساني آبادي رکندڙ وارڊ نمبر 8 ۽ 9 ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي ٽرانسفارمرن جو مسئلو حل نہ ٿيڻ ڪري بجلي بند هئڻ سبب
قيامت خيز گرمي کان تنگ ٿي نيٺ عورتون روڊن تي نڪري سراپا احتجاج بنجي ويون، عورتون پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ مامو لاڏو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ تي پهتيون جتي هنن تيز اس ۾ سجاول-ڪراچي قومي شاهراھ تي ۾ ڌرڻون هڻي روڊ بند ڪري حيسڪو خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جي وڏي قطار لڳي وئي، ان موقعي تي عورت مظاھرين جو چوڻ ھو تہ اسان جي وارڊ نمبر 8 ۽ 9 ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جا چار ٽرانسفارمر مسلسل 15 ڀيرا خراب ٿيا آهن جن کي حيسڪو سجاول پاران بدلي ڪرڻ بدران وارڊ واسين کي لکين روپيا خرچ ڪرائي باربار ٺهرايو وڃي ٿو پر ٽرانسفارمر 2 ڏينهن مس هلن ٿا ۽ وري بہ سڙيو وڃن ۽ ائين ئي گذريل 6 مهينن کان اسان بجلي کان محروم ٿي ويا آهيون، عورتن جو چوڻ هو تہ هڪ تہ حيسڪو جي ڪلورن ۽ ٻيو وري شھر جي سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جي بي حسي ڏسي اسين بجلي بند هئڻ ڪري پنهنجي گهرن ۾ قيامت خيز گرمي کان تنگ ٿي چوڙيون کڻي روڊ تي اچڻ تي مجبور ٿيون آھيون، ھنن چيو تہ سجاول جي اسٽيڪ ھولڊرن تہ پنھنجا پنھنجا ٽرانسفارمر ھڻي پنھنجي گھرن کي روشن ۽ آرامداہ ڪري ڇڏيو آھي پر اسين ھن سخت گرمي ۾ پنھنجي گھرن م پنج منٽ به نہ ٿيون ويھي سگھون، ھنن چيو تہ اسان عزتدار خاندانن سان تعلق رکون ٿيون اسان کي روڊ تي اچي ڌرڻو ھڻڻ ۽ احتجاج ڪرڻ ۾ انتهائي شرم اچي پيو، پر شھر جي ماڻھن جي بي حسي ڏسي اڄ اسين گھرن مان نڪرڻ تي مجبور ٿي ويون سين، ھنن نعريبازي ڪندي چيو ته سجاول جي اسٽيڪ ھولڊرن ۽ چونڊيل نمائندن کي چوڙيون پائڻ گھرجن ڇو تہ انھن ۾ انسانيت سان گڏوگڏ مردانگي پڻ ختم ٿي چڪي آھي جو هو پاڻ سک سان ايئرڪنڊيشن جا مزا ماڻي زندگي گذارين پيا پر پنهنجي علائقي جي بي پهچ عوام سان حيسڪو جي ڪلورن خلاف چپ جو روزو رکي بي پهچ عوام کي ننڍڻڪو ڪري ڇڏيو آهي، عورتن ڳوڙھا وھائيندي چيو تہ اسان جي وارڊ ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن جو هٿرادو مسئلو پيدا ڪري سياسي مسئلن عيوض اسان کي بجلي جي سولهتن کان محروم ڪيو ويو آهي جنهن کي اسان هاڻي برداشت ڪون ڪنداسين، هنن چيو تہ اسان عورتن ۽ اسان جي معصوم ٻچن تي سياست عيوض ظلم بند ڪري شام تائين ٽرانسفارمر جو مسئلو حل ڪندي اسان جي وارڊ نمبر 8 ۽ 9 جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان اسٽيڪ هولڊرن جي پرائيوٽ ٽرانسفارمر سان گڏ وارڊ ۾ لڳل سڀني ٽرانسفارمر ۽ پنهنجي ٻچن سڌو پاڻ کي باهي ڏئي ساڙينداسين جنهن جو زميوار حيسڪو سجاول جي انتظاميا، شھر جا اسٽيڪ هولڊر، چونڊيل نمائنده ۽ حيسڪو جي ظلم جي خلاف روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ بدران ظلم سهندڙ شھر جا سياسي سماجي ۽ سول سوسائيٽي جا اڳواڻ هوندا، ٻئي طرف ايم اين اي اياز شاھ شيرازي عورتن جي احتجاج ۾ پھتو ۽ مظاھرو ڪندڙ عورتن کي بجلي بحال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنھن بعد عورتون مظاھرو ختم ڪري گھرن ڏانھن روانيون ٿي ويون۔

Read Previous

سنڌ جي وفد جي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صوبائي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اڳواڻن کي گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني

Read Next

وفاقي حڪومت جي سنڌ جي ماڻهن سان زيادتين خلاف پ پ جي سوين ڪارڪنن طرفان جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular