ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ مبينا طور عورت خودڪشي ڪري ڇڏي، عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ايس ايڇ او ڪشمور

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ) ويجھو ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ مبينا طور عورت خودڪشي ڪري ڇڏي، عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ايس ايڇ او ڪشمورخبر موجب : ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ مبيناطور گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان ٽي ٽي پسٽل جو فائر ڪري نوجوان عورت مسمات صدامه سولنگي زال فدا حسين سولنگي آپگهات ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي ڪشمور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جي لاش کي کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ان سلسلي ۾ ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور احمد لغاري جو چوڻ آهي ته عورت مسمات صدامه جي آپگهات ڪرڻ يا کيس قتل ڪرڻ بابت جاچ ڪري رهيا آهيون عورت جي مڙس فدا حسين کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

Read Previous

قاضي احمد ٿاڻي جو پوليس اهلڪار منظوز علي چانڊيو پنھنجي ئي پٽي ڀائي پوليس اهلڪار جان محمد زرداري جي ظلمن خلاف پريس ڪلب قاضي احمد پهچي احتجاج ڪند

Read Next

سنڌ جي وفد جي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صوبائي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اڳواڻن کي گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني

Most Popular