ڪهڙا کاڌا ڊپريشن گهٽائي سگهن ٿا؟

مايوسي، بي چيني ۽ ڊپريشن جي ڪري سڄو جسم متاثر ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن اهڙو مرض مستقل طور ٿي وڃي ته فالج ٿيڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن.

ڊپريشن هڪ اهڙي خطرناڪ بيماري آهي جنهن جي ڪري انسان موت جي منهن ۾ به وڃي سگهي ٿو.

ماهرن موجب ان ڪيفيت دوران انسان کي سُٺي خوراڪ کائڻ جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته گهڻي قدر انسان ڊپريشن دوران سگريٽ جو استعمال گهڻو ڪندو آهي ۽ کاڌو به گهٽ کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي جنهن جي ڪري جسماني ڪمزور ۽ بلڊ پريشر جي خطرا به وڌي ويندا آهن.

اهو چوڻ سولو ناهي ته کائڻ ۽ پيئڻ جون ڪهڙيون شيون آهن جي ڊپريشن جو علاج ڪري سگهن ٿيون پر اهو ته ضرور چئي سگهجي ٿو ته گڏيل طور غذائيت سان ڀرپور خوراڪون توهان جي ذهني صحت لاءِ گهڻيون فائديمند هونديون آهن.

ڊپريشن مريض کي گهرجي ته هو وٽامن سي، وٽامن ڊي، بي وٽامنز، ميگنيشيم، سيلينيم ۽ زنڪ، ڪاربوهائيڊريٽس، اوميگا-3 فيٽي ايسڊز جو استعمال ڪري.

انکانسواءِ به ڪجهه خوراڪون آهن جيڪي ذپريشن جي مريض کي ڏيڻ سان ان جو ڊپريشن گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

Read Previous

وفاقي حڪومت جي سنڌ جي ماڻهن سان زيادتين خلاف پ پ جي سوين ڪارڪنن طرفان جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

پرڏيهي وزير ٽي ٽي پي کي معافي جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي

Most Popular