پرڏيهي وزير ٽي ٽي پي کي معافي جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) دهشتگردي ۾  ملوث نه ٿيڻ جو واعدو ڪري ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪري ته پاڪستان کين معافي ڏيڻ تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

شاهه محمود قريشي جو اهو بيان صدر علوي طرفان پاڪستان جي هڪ خانگي چينل کي ڏنل انٽرويو کان ڪجهه دير بعد سامهون آيو.

پنهنجي انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو هو ته حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي انهن ماڻهن کي ايمنسٽي ڏيڻ جو سوچي سگھي ٿي جيڪي هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستاني آئين کي تسليم ڪن ۽ اهي ڏوهن ۾ ملوث نه ٿين.

۽ هاڻ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به هڪ انٽرويو ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي لاءِ معافي جي مشروط آڇ ڪئي آهي.

هنن چيو ته جيڪڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث نه ٿيڻ جو واعدو ڪري ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪري ته پاڪستان کين معافي ڏيڻ تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

Read Previous

ڪهڙا کاڌا ڊپريشن گهٽائي سگهن ٿا؟

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 27 هزار کان وڌي ويو، نوان ڪيس به رپورٽ

Most Popular