
پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3012 نوان مريض به سامهون آيا آهن.
پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 56778 ٽيسٽيون ڪيون ويون جنهن مان 3012 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 66 ڄڻا فوت ٿيا آهن.
سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.30 سيڪرو رهي.