اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کان الزامن جا ثبوت گهري ورتا

اليڪشن ڪميشن اداري مٿان الزان لڳائڻ تي وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

وفاقي وزيرن طرفان لڳايل الزامن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ باقاعدا اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ظفر اقبال ملڪ ڪئي.

ذريعن موجب پيمرا اليڪشن ڪميشن کي وفاقي وزيرن جي الزامن واريون وڊيون موڪليون آهن جن جو اجلاس ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جنهن ۾ کانئن اداري تي لڳايل الزامن جا ثبوت گهرندي جواب طلب ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 27 هزار کان وڌي ويو، نوان ڪيس به رپورٽ

Read Next

وزيراعظم کي ڳَري بجلي اگهن تي ڳڻتي، ٻاهرين سيڙپڪارن کي سهولتون ڏينداسين: عمرا خان

Most Popular