وزيراعظم کي ڳَري بجلي اگهن تي ڳڻتي، ٻاهرين سيڙپڪارن کي سهولتون ڏينداسين: عمرا خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سا پاڪستان ۾ بجلي جا اگهه تمام وڌيڪ آهن، اسان توانائي جي منصوبي ڪاسا1000 کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا.

دوشنبي ۾ بزنس فورم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي بزنس ڪميونٽي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.

وزيراعظم چيو ته سيڙپڪاري ڪندڙن کي پاڪستان ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين، پاڪستاني بزنس ڪميونٽي جي لاءِ به سولايون پيدا ڪري رهيا آهيون.

عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان مان مختلف شعبن جون 67 ڪمپنيون تاجڪستان آيون آهن، عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کان الزامن جا ثبوت گهري ورتا

Read Next

پي ايم ڊي اي جو معاملو: ميڊيا ڪميٽي ۽ سڌسماءَ جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم

Most Popular