پي ايم ڊي اي جو معاملو: ميڊيا ڪميٽي ۽ سڌسماءَ جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم

ميڊيا تنظيمن جي نمائندن اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان ملاقات ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

ڪميٽي ڪوڙين خبرن خاص ڪري سوشل ميڊيا تي ڦهلايون ويندڙ ڪوڙي خبرن واري مسئلي کي حل ڪندي، ڪميٽي ميڊيا ورڪرن جي حقن ۽ ميڊيا قانونن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جو جائزو وٺندي.

ميڊيا تنظيمن ميٽنگ دوران پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي(پي ايم ڊي اي) تي خدشن جو اظهار ڪندي انکي ناقابل قبول قرار ڏنو.

ڄاڻايل پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي معاملي تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي، ايمنڊ ۽ سڌ سماءَ جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي.

ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ميڊيا تنظيمن جي نمائندن جي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب سان ملاقات ۾ ڪيو ويو.

انکان اڳ مريم اورنگزيب جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اطلاعات واري ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ ايمنڊ جي نمائندن پي ڊي ايم جي سخت خدشن جو اظهار ڪيو.

هنن جو چوڻ هو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، موجوده ريگيوليٽري باڊيز هڪ ڇٽي هيٺاڻ آڻڻ بدران اڳ ۾ ئي موجود قانون ۾ بهتري آندي وڃي.

پي بي اي جي نمائندن چيو ته حڪومت جي نيت تي شڪ نه ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي، ثبوت موجود آهن ته حڪومت طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل کي قبول نٿو ڪري ان جا اشتهار بند ڪيا ويندا.

ان حوالي سان فرخ حبيب جو چوڻ هو ته موجوده 7 ريگوليٽري اٿارٽين کي پي ايم ڊي اي جي هڪ ڇٽي هيٺان آڻڻ جي تجويز آهي، سوشل ميڊيا کي به ڪنٽرول ڪيو ويندو.

هن چيو ته اها به ڪوڙي خبر هئي ته حڪومت آرڊيننس آڻي رهي آهي، اها به ڪوڙي خبر هئي ته حڪومت بِل آڻي رهي آهي.

هوڏانهن سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت هيٺ اطلاعات واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ به پي ايم ڊي اي واري معاملي تي بحث ٿيو.

وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب ڄاڻايل اٿارٽي بابت بريفنگ ڏني.

ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم اي ايتري ئي سُٺي آهي ته سڀ ان کي ڪارو قانون ڇو ٿا چون؟

ڪميٽي جي ميمبر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته گذريل ٽن سالن کان خاص طور تي ميڊيا کي ٽاگيٽ ڪيو پيو وڃي،

ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم ميڊيا جي مڪمل آزادي چاهي ٿو ان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ايم ڊي اي لاءِ اڃا تائين تجويزون آهن، جيڪڏهن تجويزون منظور ٿي ويون ته ٺيڪ آهي نه ته مٽايو وينديون، حڪومتي خيالن تي اتفاق نٿو ٿئي ته ان کي ڪڏهن به نه آندو ويندو.

Read Previous

وزيراعظم کي ڳَري بجلي اگهن تي ڳڻتي، ٻاهرين سيڙپڪارن کي سهولتون ڏينداسين: عمرا خان

Read Next

ڪراچي: منشيات فروش 2 پوليس اهلڪار گرفتار

Most Popular